سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر بابت خبرون پڙهو

          سموري سنڌ مان ڪهي آيل، سنڌ جي سڄاڻ اديبن ۽ قلمڪارن جو قافلو، سنڌي ادبي سنگت جي چئن اڳوڻن سيڪريٽري جنرلن، محترم ادل سومرو، محترم اياز گل، محترم تاج جويو ۽ محترم مختيار ملڪ جي سرواڻيءَ ۾، شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضريءَ ڀرڻ لاءِ صبح جو 9 وڳي خيرپور ۽ سکر مان چئن گاڏين ۾ نڪتو، قافلي جي شريڪ ساٿين ۾ سنڌ جا نامور اديب ۽ ادب دوست موجود هئا. جن سڀ کان پهريائين محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي. بعد ۾ سمورو قافلو، نئين ديري هائوس پهتو، جتي اڳ ۾ رٿيل پروگرام موجب محترم آصف علي زرداريءَ سان ملاقات ڪئي ۽ تعزيت ڪئي. ملاقات ۾ سمورن اديبن محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ عظيم سانحو قرار ڏنو ۽ محترمه جي شهادت تي گھري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي نسيم بخاريءَ ۽ امر اقبال، محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي حوالي سان لکيل غزل ۽ نثري نظم پڙهيو.


قافلي ۾ شريڪ دوستن جا نالا

محترم ادل سومرو، محترم اياز گل، محترم تاج جويو، محترم سرڪش سنڌي، محترمه ناياب سرڪش سنڌي،محترم مختيار ملڪ، محترم عبداللطيف انصاري، محترم ابراهيم کرل، محترم امر اقبال، محترم مظهر ابڙو، محترم مهر خادم، محترم خالد ٻانڀڻ، محترم هارون چنو، محترم زبير سومرو، محترم عديل مهر، محترم رياضت ٻرڙو، محترم نسيم بخاري، محترم منظور ڇيڏرو، محترم اختر ٽانوري، محترم سجاد ميراڻي، محترم امر اياز مهر، محترم حاڪم علي مهر، محترم جهانگير عباسي، محترم آزاد انصاري، محترم ضمير لاشاري، محترم ڊاڪٽر ضمير ڦل، محترم شيخ ارشاد، محترم غلام محمد غازي ۽ ٻيا ڪيترائي................


تعزيت دوران امر اقبال جو پڙهيل ، نثري نظم


نظم

 
   

وقت جي ڳچيءَ ۾ گولي لڳي

 

تاريخ رت جو اجرڪ اوڙهي سمهي پئي آهي

 

ڊسمبر جا نيڻ پٿرائجي ويا

 

ليڪن

 

خدارا!

 

اوهين مايوس نه ٿيو

 

ڌرتيءَ جي سرد جسم ۾ هڪ نئين

 

حرارت پيدا ٿي رهي آهي.

 

مک پني تي وڃڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو

سمورا حق ۽ واسطا سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر وٽ محفوظ2007/01