|
|
|
|
|
|
|
پروگرام ۾ شريڪ دوستن جا نالا |
|
|
|
محترم پروفيسر امير چانڊيو (صدر)، ڊاڪٽر جئه رام ڏيوناڻي (خاص مهمان)، محترم ڊاڪٽر اسماعيل ماڪو (اعزازي مهمان)، محترم ادل سومرو، محترم اياز گل، محترم امجد چنو، محترم قربان علي مهر، محترم فريد ابڙو، محترم شيخ ارشاد، محترم آصف علي سومرو، محترم عبدالجبار مهر، محترم عبداللطيف انصاري، محترم خالد ٻانڀڻ، محترم مبن مڱريو، محترم ممتاز بخاري، محترم عبدالغني مهر، محترم مهر خادم، محترم شمس صابر، محترم خليل مورياڻي، محترم قدير انصاري، محترم عبدالعزيز انصاري، محترم زاهد راهوجو، ...... ۽ ٻيا ڪيترائي دوست...... |
|
|
|
پروگرام جو تفصيل..................... |
|
پروگرام جي شروعات الله سائينءَ جي پاڪ ڪلام سان ٿي، جنهن کان پوءِ پروگرام جي باقاعدي شروعات ڪئي وئي. سڀ کان پهريائين، پروگرام جي صدر محترم پروفيسر امير چانڊيي کي مٿي اسٽيج تي گھرايو ويو، جنهن کان پوءِ خاص مهمان محترم ڊاڪٽر جئرام ڏيوناڻي ۽ اعزازي مهمان محترم ڊاڪٽر اسماعيل ماڪي کي اسٽيج تي ويهاريو ويو، جنهن کان پوءِ باقاعدا پروگرام جي شروعات ٿي، دوستن ويچار ونڊيا ۽ مقالا پڙهيا. آخر ۾ ريفريشمينٽ ٿي. |
|
|
|
پروگرام ۾ شريڪ دوستن جا ويچار |
|
سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر کي مبارڪ ٿو ڏيان جو اهڙي افراتفريءَ واري دؤر ۾ ههڙو بهترين پروگرام آرگنائز ڪيو. سنڌ جي اهڙين عظيم شخصيتن کي ڀيٽا ڏيڻ نهايت اهميت وارو عمل آهي. رشيد ڀٽي هڪ جاکوڙي ماڻهو هو، جنهن سڄي عمر محنت ڪئي ۽ ادبي پورهيو ڪيو. سندس زندگيءَ کي آڏو رکي پنهنجي زندگيءَ کي بهتر کان بهتر بڻائي سگھجي ٿو. هينئر ڪجهه مايوسيءَ واري صورتحال آهي. رشيد ڀٽيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات 1986ع ۾ ٿي، جڏهن اسين سنڌ دوست نالي تنظيم طرفان سکر ۾ اجلاس ڪيو، جنهن ۾ رشيد ڀٽي صاحب شريڪ ٿيو. رشيد ڀٽي صاحب ايم ڪيو ايم جي حوالي سان سخت مؤقف رکندڙ هيو، اها تنظيم ان وقت تازي تازي ٺهي هئي. جو پڪو سياسي ورڪر ۽ پڪو ڪميونسٽ هو........ پروفيسر امير چانڊيو (صدر پروگرام) |
|
|
|
ڀٽي صاحب کي سنڌي ادبي سنگت جي ميٽنگ ۾ ڏٺوسين. سندس شخصيت سندس فن ۽ فڪر وانگر مزيدار هئي. هر ڪنهن سان مذاق وارو رشتو، عمر جو لحاط بنهه ڪونه ڪندا هئا. سندس شخصيت جو لاڳاپو هن ڌرتي ماتا سان هيو. هن جي تخليق ۾ حقيقت نگاري هئي، جا سندس ڳالهائڻ ۾ به هئي، سندس ٻولي جو روح تمام گھرو هوندو هيو.سندس من بي انتها صاف ۽ شفاف. ڇا اسان اهڙين عظيم شخصيتن جي لاءِ ڪجھه ڪري سگھيا آهيون؟ اڄ جي اديب جو پنهنجو جياپو تمام گھڻو مشڪل ٿي پيو آهي، ان صورتحال ۾ اهڙا پروگرام ڪرڻ به نهايت جس لائق ڳالهه آهي.. منهنجي خيال ۾ رشيد ڀٽيءَ جي عظيم شخصيت کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندس نالي تي ڪو اسڪول، روڊ وغيره ڪجي ته نهايت بهتر ٿيندو.......ڊاڪٽر اسماعيل ماڪو (اعزازي مهمان پروگرام) |
|
|
|
رشيد ڀٽي جو موت ڪلهه جي ڳالهه لڳي ٿي 20 سال گذري ويا خبر ئي ڪانه پئي. سکر ۾ مارئي ڪتاب جي پويان گرائونڊ تي سندس چاليهي تي ادبي ميڙاڪو ٿيو. وڏا وڏا اديب آيا، وڏيون ڳالهيون ٿيون. رشيد ڀٽي هڪ وڏو صحافي هيو، هن هڪ دفعي نقلي دوائن تي ڪالم به لکيو، جيڪو نهايت شاندار هيو. هن جي بيباڪيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته، جڏهن پرڀو ناشاد مسلمان ٿيو ته هن ان جي مذهب مٽائڻ واري عمل خلاف هڪ ڪالم لکيو. هو تمام ارڏو ماڻهو هيو. سندس بابت اهڙا ميڙاڪا ٿيندا رهن جيئن ايندڙ نسل اهڙين شخصيتن بابت ڄاڻي سگھي...... ڊاڪٽر جئه رام ڏيوناني (خاص مهمان) |
|
|
|
اسان جي خوشقسمتي رهي جو تخليقي اؤسر واري زماني ۾ رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ، تنوير عباسي ۽ شيخ اياز جهڙن عظيم شاعرن جي صحبت ۽ رهنمائي ملي، جو ڪجھه پنهنجي جھوليءَ ۾ ڪڻا وجھي سگھياسين. رشيد ڀٽيءَ جي وفات کان پوءِ اسان سندس لاءِ وڏا پروگرام ڪرايا. چاليهي تي هڪ وڏو پروگرام ٿيو جنهن ۾ سنڌ جون وڏيون وڏيون شخصيتون شريڪ ٿيون. هينئر صورتحال اهڙي آهي جو ڪيترائي اديب اهڙا آهن، جن کي ياد نه ٿو رکي سگھجي، صرف سکر جي شخصيتن کي ياد رکڻ تمام مشڪل وارو ڪم آهي. اسان اديب چوندا ته آهيون پر عملي طور ڪجهه ڪونه ڪندا آهيون.. اهڙا ننڍا پروگرام ئي هجن اها به سٺي ڳالهه آهي، نه هجڻ کان ڪجهه هجڻ بهتر آهي. اهڙي صورتحال جي ڪري نئين نسل کي خبر ئي ڪونه آهي ته رشيد ڀٽي ڪير هيو. اسين 20 سالن ۾ ئي رشيد ڀٽيءَ جهڙي شخصيت کي وساري ڇڏيو آهي. منهنجي ذاتي حوالي سان رشيد ڀٽيءَ تمام گھڻي رهنمائي ڪئي. منهنجي سندس اوطاق تي ڪيترن ئي نامور اديبن سان ملاقات پڻ ٿي. اتي سندس طبيعت مطابق وڏا مزيدار قصا به ٿيندا هئا. رشيد ڀٽي ٺيڙهي مدرسي جو فارغ التحصيل هيو، پر سندس ۾ انتها پسنديءَ جي بوءِ به ڪانه هئي. عام ماڻهو کانئس ڊڄي ڳالهائيندا هئا. جڏهن ادب ۾ گھڙياسون ته اسان کي معلوم ٿيو ته هو اندر ۾ ڪيڏو نه نرم هيو. نئين نسل لاءِ هو مصلحت پسندي ۾ يقين نه رکندو هيو. هر ڪم بيباڪ انداز سان ڪيائين. سندسن جيل ڊائري جيڪا قسطوار ته ڇپي پر ڪتابي صورت ۾ ڪونه ڇپجي سگهي آهي. شيخ اياز جي ڪتابن جا لکيل مهاڳ نهايت شاندار آهن. هو تمام ڊگھي عرصي تائين سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو، پورا 9 سال. رشيد ڀٽيءَ پورن 14 سالن کان پوءِ منهنجي چوڻ تي پارس رسالي لاءِ هڪ ڪهاڻي لکي، جيڪا پنهنجي پر ۾ ليجنڊ آهي. هو اسان جو تمام وڏو محسن هيو......... اياز گل |
|
|
|
رشيد ڀٽيءَ جي شخصيت تمام رعبدار هئي پر جيترو هو ٻاهران سخت نظر ايندو هيو اندر مان هو اوترو ئي نرم هيو. هو هميشه جاکوڙي رهيو. سندس شخصيت گھڻ رخي هئي........ ادل سومرو...... رشيد ڀٽيءَ بابت ادل جو تاثر پڙهڻ لاء ِ ڪـــــــلـــــــڪ ڪريو. |
|
|
|
انهن کان علاوه پروگرام ۾ محترم ممتاز بخاري، محترم خالد ٻانڀڻ، محترم عبداللطيف انصاري، محترمهرخادم، محترم شيخ ارشاد ، امجد چني ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن پنهنجا ويچار ونڊيا. |
|
|
|
هن ويب سائيٽ جا سمورا حق ۽ واسطا سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر وٽ محفوظ |