سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽِي سکر پاران سنڌ جي عظيم محقق ۽ تاريخدان محترم رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ جي 30 هين ورسي ملهائ وئي

پروگرام ۾ شريڪ دوستن جا نالا


                محترم اختر درگاهي (صدر)، محترم شفيق احمد خواجه (خاص مهمان)، محترم منير سولنگي (اعزازي مهمان)، محترم جان محمد مهر (اعزازي مهمان) محترم ممتاز بخاري، محترم امير بروهي، محترم اياز گل، محترم ادل سومرو، محترم مبن مڱريو، محترم اشرف جماڻي، محترم شيخ ارشاد، محترم علامه عبدالستار بروهي، محترم حاجي شفقت قريشي، محترم خواجه ذوالفقار، محترم محمد اقبال شيخ، محترم قربان علي مهر، محترم گل ڪٽوهر، محترم امجد علي چنو، محترم منظور بيدار، محترم جهانگير عباسي، محترم عبدالجبار سولنگي، محترم فريد ابڙو، محترم اسد اعواڻ، محترم گلشير مهر، محترم ايم بي سومرو، محترم خالد ٻانڀڻ، محترم لطف الله ڦلپوٽو، محترم محمد راشد ڦلپوٽو، محترم ايڊوڪيٽ لطف الله ڦلپوٽو، محترم امام بخش منور، محترم راجه شاهد شيخ، محترم تاج محمد رند، محترم زاهد سنڌو، محترم ظهير احمد سميجو، محترم صلاح الدين سميجو، محترم لياقت لغاري، محترم بشير سميجو، محترم زاهد راهوجو، محترم ڪمال لاشاري، محترم عبداللطيف انصاري، محترم مهر خادم، محترم محمد ابراهيم مهيسر، محترم ڪاشف ميمڻ، محترم محمد ملوڪ بليدي، محترم الطاف احمد، محتر رشيد مهر، محترم نثار کوکر، محترم علي محمد شر، محترم عبدالجبار مهر، محترم خالد ڪرم بروهي، محترم قدير انصاري، محترم عبدالڪريم بروهي...... ۽ ٻيا ڪيترائي دوست......


                    پروگرام جو تفصيل.....................

                پروگرام جي شروعات الله سائينءَ جي پاڪ ڪلام سان ٿي، جنهن کان پوءِ پروگرام جي باقاعدي شروعات ڪئي وئي. سڀ کان پهريائين، پروگرام جي صدر محترم اختر درگاهيءَ، خاص مهمان محترم شفيق احمد خواجه (ڊي . سي . او  سکر)، اعزازي مهمان محترم منير سولنگي، محترم جان محمد مهر (جنرل سيڪريٽري پريس ڪلب سکر، ڪي ٽي اين نيوز رپورٽر)، محترم ممتاز بخاري (سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر)، محترم امير بروهي (ميمبر مولائي شيدائي يادگار ڪميٽي) جن کي اسٽيج تي ويهاريو ويو. جنهن کان پوءِ عظيم تاريخدان محترم رحيمداد خان مولائي شيدائي جي تازي ڇپيل ڪتاب، ”سکر جا هندو ۽ مسلم بزرگ“ جي مهورت ٿي. اسٽيج تي ويٺل معزز مهمانن کان علاوه سنڌ جا بهترين شاعر ڊاڪٽر ادل سومرو ۽ اياز گل به مهورت جي تقريب ۾ شريڪ هئا.


         پروگرام ۾ شريڪ دوستن جا ويچار

                ساس سٽي سکر ۽ مولائي شيدائي يادگار ڪميٽيءَ کي جس هجي جن هن عظيم شخصيت کي ياد ڪيو آهي ۽ ورسي جي تقريب منعقد ڪئي آهي. مان انهن دوستن جي ڪوششن کي سلام پيش ڪريان ٿو. ان کان علاوه محترم ڦلپوٽو صاحب کي به سلام پيش ڪريان ٿو جنهن هن ڏڪر واري دور ۾ به هن عظيم محقق جو هڪ ٻيو ڪتاب ڇپرايو..کيس به جس لهڻي. شيدائي صاحب سنڌ جي عاشقن مان هڪ هو. جيڪڏهن هو عشق وارن مان نه هجي ها ته کائنس ايترو پورهيو ٿي ڪونه سگھي ها. ڇا ڪاڻ ته عشق وارا ئي پنهنجو رت ۽ نور نچوئي ڏيئو ٻاريندا آهن. شيدائي صاحب هڪ مڪمل ادارو هو. سنڌ جي آڳاٽي شاعري ۽ پهريون تاريخي ڪتاب چچ نامون به هن شهر (بکر) مان  ملي ٿو. اسان کي خبر آهي ته تحقيق تمام گھڻو محنت طلب ڪم آهي. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته هڪ دفعي پير حسام الدين شاهه راشدي ستين جي آستان تي آيو ۽ 30 سالن کان پوءِ ان جي تاريخ تي هڪ ڪتاب لکي پورو ڪري سگھيو....... اختر درگاهي (صدر پروگرام)


 سکر ۾ راشدي ڀائرن، پير علي محمد شاهه راشدي ۽ پير حسام الدين شاهه راشدي جي اخبار ۾ رحيمداد خان مولائي شيدائي آرٽيڪل لکندا هئا. هي هڪ مڪمل ادارو هيو جنهن تمام غريبي واري حالت ۾ به پنهنجو نور نچوئي سنڌ امڙ جو شان اوچو ڪيو. سندس ڪتاب تمدن سنڌ دنيان جي وڏن تاريخي ڪتابن جيتري حيثيت رکي ٿو. پر اسان ناقدرا آهيون جو سندس آخري آرام گاهه کي به مٽائي ڇڏيو آهي. هن بابت تمام گھڻا پروگرام ٿيڻ گھرجن ۽ سندس سڀ ڪتاب ڇپجڻ گھرجن...... منير سولنگي (خاص مهمان پروگرام)


  مونکي سکر جو ڊي سي او ٿئي ڪل ڇهه مهينا ٿيا آهن، مونکي اڄ اها خبر پئي آهي ته سنڌ جي عظيم محقق جي قبر ۽ قبرستان جي حالت ايتري خراب آهي، مان اوهان سا واعدو ٿو ڪريان ته مان اڄ ئي ان بابت رپورٽ وٺان ٿو ۽ سندس قبر ۽ قبرستان کي ٺيڪ ڪرڻ جي ذميداري کڻان ٿو. محترم مولائي شيدائي واقعي هڪ عظيم انسان هيو جنهن تمام خراب حالتن هئڻ جي باوجود به پنهنجي پورهئي کي برقرار رکيو. اها اسان جي بدقسمتي ۽ نااهلي آهي جو سندس آخري آرامگاهه جو به نشان مٽائي چڪا آهيون. مونکي تمام گھڻي خوشي آهي جو اوهان مونکي سندس ڪتاب جي مهورت ۽ سندس ورسيءَ جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. مولائي شيدائيءَ پنهنجي ڌرتيءَ جي قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سچا ماڻهو هميشه ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندا آهن. سندن نالو هميشه چنڊ جي چانڊاڻ جيان چمڪندو رهندو. سندس ڪم نهايت شاندا آهي هو زندگيءَ جي  آخر تائين لکندو رهيو. سندس قبر ۽ قبرستان کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ مان هينئر به متعلق ماڻهن کي فون ڪيو آهي پر سڀاڻي مان پاڻ جڳهه تي ويندس ۽ معاملن جو جائزو وٺندس..... شفيق احمد خواجه (ڊي.سي.او ضلع سکر)


 رحيمداد خان مولائي شيدائي سنڌ ڌرتيءَ جو عظيم محسن هو. اهو اسان تي ان جو حق آهي ته کيس شانائتي نموني ياد ڪيو وڃي. زندهه قومن جي اها ئي سڃاڻپ آهي ته هو پنهنجي محسنن ۽ پنهنجي غدارن کي هميشه ياد ڪنديون رهنديون آهن. هن خراب حالتن جي باوجود اهڙي موضوع تي ڪيترائي ڪتاب لکيا. اهو خشڪ موضوع تاريخ جو آهي. معاشري ۾ تاريخ جا اهميت تمام گھڻي اهم ٿئي ٿي. قومون به هميشه تاريخي حوالي سان سڃاتيون وڃن ٿيون. ۽ کين زندهه رهڻ لاءِ تاريخ جو سهارو وٺڻو پوي ٿو. هن پنهنجي اولاد لاءِ ڪجھه نه ڪيو پر پنهنجي ادبي پورهئي کي تمام گھڻو وقت ڏنو. هو صحيح معنى ۾ هڪ بهترين اديب ۽ دانشور هو. سندس ڪتاب جنت السنڌ، جديد سنڌ جي تاريخ جو بنيادي تاريخي ماخد آهي. سنڌ جي جيڪا به تاريخ لکي وئي آهي سا ٻاهرين ماڻهن لکي آهي ۽ اهي درٻاري ماڻهو بادشاهن جي مرضيءَ تي تاريخ لکي جيڪا ٽوڙيل مروڙيل آهي. اسان جو اهو قومي فرض آهي ته اسان پنهنجي بزرگن کي ياد ڪريون. سرڪاري ادارن کي به گھرجي ته سندس ڪتاب ڇپائن اها به سندن ذميواري آهي.......... اياز گل


 مان سمجھان ٿو ته پنهنجي محسنن کي ياد ڪرڻ، اها مڃتا جي هيٺين سطح آهي، پر ياد ڪرڻ سان گڏو گڏ سندن فڪر کي هنڌ هنڌ پهچائڻ ئي اصل مڃتا آهي. اسان کي گھرجي ته سندن ڪم کي ياد ڪريون... ادل سومرو...... مولائي شيدائي بابت ادل جو تاثر پڙهڻ لاءِ ڪـــــلــــــڪ ڪريو.


 ڪيترن ئي دوستن نانا جا ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ دلاسا ڏنا پر وقت به وقت گم ٿيندا ويا. ريلوي ڊي ايس يعقوب زرداريءَ ڪتاب وٺي دلاسو ڏنو پر ڪجھه مهينن کان پوءِ واپس ڪيائين. نواز علي شوق صاحب به ساڳيو ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ دلاسو ڏنو پر وري ٻيهر ڪجھه ڪين ڪڇيا. سنڌيڪا واري نور احمد ميمڻ  نانا جو سڀ کان وڏو ڪتاب تاريخ اسلام وٺي ويا، چيائون ته ڇهن مهينن ۾ ڇپجي ويندو ۽ ڪل 15000روپيا ڏئي ويا پر هينئر ان کي ٻه سال ٿي ويا آهن پر ڪتاب ڪونه ڇپيو آهي. نانا واري قبرستان جي حالت تمام گھڻي خراب آهي. سائين ناصر شاهه به قبر ڏسڻ هليو هيو پر اڃا تائين وس وارن ڪجھه ڪين ڪيو آهي. مان کين وري به اپيل ٿو ڪريان ته مهرباني ڪري سنڌ جي عظيم محسن جي گھٽ ۾ گھٽ آخري آرامگاهه کي نشانيءَ طور بچايو وڃي........... امير علي بروهي


 مولائي شيدائيءَ بابت، جهانگير عباسيءَ تاثر پڙهڻ لاءِ ڪـــــــلـــــڪ ڪندا


 انهن کان علاوه پروگرام ۾ محترم ممتاز بخاري، محترم جان محمد مهر، محترم ايم بي سومرو، محترم خواجه ذوالفقار، محترم شيخ ارشاد ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن پنهنجا ويچار ونڊيا.


سمورا حق ۽ واسطا سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر وٽ محفوظ