سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي دستوري گڏجاڻين جي تفصيل پڙهڻ لاءِ ڀليڪار

جمعو، 13 فيبروري 2008 (ڪاروباري ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي)

          سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي ڪاروباري ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي، محترم ادل سومري جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ هيٺين دوستن شرڪت ڪئي، ويچار پيش ڪيا ۽ تبصرا ڪيا ويا اسمن تي بحث ڪيو ويو ۽ آخر ۾ فيصلا ڪيا ويا.

صنف

نالو

نمبر

 

     محترم ادل سومرو

01

 

     محترم جهانگير عباسي

02

 

     محترم عبداللطيف انصاري

03

 

     محترم زاهد راهوجو

04

 

     محترم مهرخادم

05

 

     محترم مريد سنڌي

06

 

     محترم خواجا ذوالفقار

07

 

     محترم آصف سومرو     (مبصر)

08

 

     محترم ڪاشف علي سومرو     (مبصر)

09

 

     محترم انور ميمڻ

10

 

     محترم واحد بخض مهيسر

11

 

     محترم عبدالعزيز انصاري     (مبصر)

12

ڪاروباري ڪميٽيءَ جي اجلاس جي ايجنڊا


مولائي شيدائي جي شايع ٿيل نئين ڪتاب ”تاريخ بلوچستان“ جي مهورت جي پروگرام بابت

صدر صاحب جي اجازت سان ٽيون ڪوبه اسم


                              دوستن جا رايا.........


          اسان جي بدقسمتي آهي ۽ مجبوري آهي جو جيسيتائين ڪنهن شخصيت جا مائٽ تعاون نٿا ڪن ته پروگرام ب نه ٿا ٿين. ڪجھه اديبي شخصيتون اهڙيون آهن جن کي ياد نه ٿو ڪيو وڃي. الهورايو بروهي، مولائي شيدائيءَ جون ورسيون ڪرائيندو هو. سياسي شخصيتن جو وقت ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. تاريخ جيڪا وزير ڏئي سا مقرر ڪجي. شمس جعفراڻيءَ ڪلچر جو سيڪريٽري  به ڀلي اچي. رشيد ڀٽيءَ جو وڏو حق آهي. شيخ عبدالرزاق راز جا به پروگرام ٿيڻ گھرجن.مولائي شيدائي سنڌي ادبيسنگت جو ميمبر هو. ان جو پروگرام ٿيڻ گھرجي. ادبي پروگرام آهي، صدارت اديب ڪندو ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. ............................. وقتي صدر ادل سومرو


          مولائي شيدائي جي نئين شايع ٿيل ڪتاب جي مهورت ٿيڻ گھرجي، صدارت ڪنهن اديب ۽ خاص مهمان ڪنهن سياسي شخصيت کي  ڪجي


          مولائي شيدائيءَ بابت سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر سنڌ پروگرام ڪندي رهي آهي. هي پروگرا  وڏي پئماني جو آهي. هن پروگرام جي صدارت تاج جويي کان ڪرائجي ته بهتر ٿيندو ڇاڪاڻ ته هڪ ادبي پروگرام جي صدارت هڪ اديب ئي ڪري ته چڱو. باقي خاص مهمان لاءِ جيڪو به نالو تجويز ڪريو. منهنجي خيال ۾ سياسي شخصيت هن پروگرام ۾ خاص ڪري سيد خورشيد شاهه شرڪت نه ڪري سگھندو. بروهي ڀائر خاص مهمان لاءِ ڪوبه نالو تجويز ڪري سگھن ٿا. .................... عبداللطيف انصاري


          اڳ به ’سنڌ جا هندو ۽ مسلمان عالم‘ واري ڪتاب جي مهورت به سنگت ڪئي. هي به پروگرام ٿيڻ گھرجي. شيخ اياز ۽ ر شيد ڀٽيءَ بابت به پروگرام ٿيڻ گھرجن. ........................... جهانگير عباسي


          مولائي شيدائيءَ جا اهم ڪتاب آهن. بروهي ڀائر سياسي شخصيتن کان مدد وٺڻ چاهين ٿا. اهو به بهتر آهي. ان طرح سندس ڪتاب به شايع ٿي سگھن ٿا. هي پروگرام ٿيڻ گھرجي. ........................... مريد سنڌي       


         صدارت ڪنهن ادبي شخصيت کان ڪرائي وڃي. مولائي شيدائيءَ جي قبر جي حالت ڳڻتيءَ واري آهي. خاص مهمان ڀلي ڪو سياسي ماڻهو هجي. ............................. زاهد راهوجو


          اسان جي سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر، مولائي شيدائيءَ جا اڳ به پروگرام ڪرائي چڪي آهي. اسان جي شاخ تي ڪارڊ ۽ بينر جو خرچ آهي. بروهي ڀائر سيد خورشيد شاهه کي مهمان خاص بڻائڻ چاهين ٿا. صدارت تاج جويو صاحب يا غلام علي الانا يا پوءِ ڊاڪٽر بلوچ ڪري. ........................................ خواجا ذوالفقار


 

                              فيصلا..........

     1.     صدارت اديب ڪندو ۽ خاص مهمان ڀلي سياسي شخصيت هجي. تاريخ 28 فيبروري 2009 تي ٿيڻ گھرجي، هنڌ، پريس ڪلب يا  گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر هجي.

     2.     ايندڙ گڏجاڻي، خاص گڏجاڻي رشيد ڀٽيءَ جي ياد ۾ ٿيندي.

ٺهراءُ/ تعزيتي اجلاس/ مذمتي قرارداد

 

مک پني تي وڃڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪندا..............


هن سائيٽ جا سمورا حق ۽ واسطا، سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر وٽ محفوظ آهن.

ويب ڊزائنر : عبداللطيف انصاري..... انصاري ڪميونيڪيشن اينڊ ويب هوسٽنگ سکر سنڌ