سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي دستوري گڏجاڻين جي تفصيل پڙهڻ لاءِ ڀليڪار

جمعو، 10 آڪٽوبر 2008 (ڪاروباري ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي)

          سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي ڪاروباري ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي، محترم مهرخادم جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ هيٺين دوستن شرڪت ڪئي، ويچار پيش ڪيا ۽ تبصرا ڪيا ويا اسمن تي بحث ڪيو ويو ۽ آخر ۾ فيصلا ڪيا ويا.

صنف

نالو

نمبر

 

     محترم اياز گل

01

 

     محترم مهرخادم

02

 

     محترم عبداللطيف انصاري

03

 

     محترم زاهد راهوجو

04

 

     محترم مريد سنڌي  (مبصر)

05

 

     محترم خواجا ذوالفقار

06

 

     محترم جهانگير عباسي

07

 

     محترم آصف سومرو     (مبصر)

08

 

     محترم عبدالعزيز انصاري     (مبصر)

09

ڪاروباري ڪميٽيءَ جي اجلاس جي ايجنڊا


مهان ڪوي شيخ اياز بابت سيمينار

ساس سٽي سکر سنڌ جي ويب سائيٽ جي مهورت

غير حاضر ميمبرن کي تنبيهي نوٽيس ڏيڻ بابت فيصلو

ٽه ماهي پروگرامن جي ترتيب

نئين ميمبرشپ لاءِ ڏنل درخواست بابت فيصلو

صدر صاحب جي اجازت سان ٻيو ڪوبه اسم

 

ٺهراءُ/ تعزيتي اجلاس/ مذمتي قرارداد

 
 

                                          دوستن جا ويچار...............


          شيخ اياز جي پروگرام جون تياريون ڪافي سالن کان ٿينديون پيون اچن، شيخ اياز جو هن شاخ تي تمام وڏو حق آهي هو هن شاخ جو ميمبر ۽ تاحيات اعزازي ميمبر هيو. ڪن مالي ۽ ٻين سببن جي ڪري سٽي سکر شاخ سندس شان مطابق پروگرام ڪرائي نه سگھي آهي. هينئر اسان جي خوشنصيبي آهي جو سندس فرزند، محترم مونس اياز، ڪلچر ڊپارٽمينٽ جا ڊائريڪٽر جنرل ٿيا آهن. کين هڪ خط لکي اهڙي پروگرام ڪرائڻ لاءِ مالي سهائتا جي اپيل ڪري سگھجي ٿي ۽ کين خاص مهمان طور پروگرام ۾ گھرائي پڻ سگھجي ٿو. ان کان علاوه هڪ متبادل رستو اهو آهي ته اهو پروگرام گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ڪرائجي، ۽ ڪجھه حيدرآباد جا دوست گھرائجن.. ويب سائيٽ جي مهورت لاءِ اها بهتر ڳالهه ٿيندي ته اها به شيخ ااياز جي پروگرام ۾ ڪرائجي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي سائيٽ بابت آگاهي ملي سگھي.... غير حاضر ميمبرن جي حوالي سان اها راءِ آهي ته هڪ جنرل خط سڀني ميمبرن کي اماڻجي ۽ کانئن رسيو ڪرائجي، انهن کي خط ذريعي آگاهه ڪجي ته ادبي سنگت جون گڏجاڻيون باقاعدگيءَ سان ٿي رهيون آهن. اوهان گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو گڏجاڻين ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني بڻايو، ٻي صورت ۾ کين تنبيهي نوٽيس موڪليو وڃي... گذريل خاص گڏجاڻين سان گڏ هن دفعي به ٽه ماهي پروگرام ترتيب ڏنا وڃن. ان سلسلي ۾ مٿئين مهيني تنوير عباسي صاحب جي ورسيءَ جي موقعي تي هڪ پروگرام رٿيو وڃي، جنهن کان پوءِ هڪ عيد گڏجاڻي ٿئي ۽ ڊسمبر ۾ اياز قادريءَ جي ورسي ملهائي وڃي.... نئين ميمبرشپ جي درخواست قبولي وڃي............  (اياز گل)

 

          سائين اياز گل جون تجويزون ڪارائتيون آهن، انهن تي عمل ڪيو وڃي. سنگت ۾ ٿيل گڏجاڻين جون رپورٽون منظر تي اچڻ گھرجن ان ڏس ۾ اسان سان گڏ اسان جا صحافي دوست موجود  آهن، کين گذارش ڪجي ته اهي ان ڏس ۾ مدد ڪن. ويب سائيٽ شيخ اياز جي پروگرام ۾ ٿئي ته بهتر ٿيندو. نئين ميمبر شپ ڏني وڃي. ٽه ماهيءَ جا پروگرام تمام بهترين آهن.....  (مهر خادم)

 

          شيخ اياز جو پروگرام ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي پر هينئر تائين عمل ڪونه ٿيو آهي، سبب مالي وسيلا ۽ دوستن جي عدم دلچسپي آهي. پروگرام هاءِ اسڪول ۾ ٿئي ته بهتر ٿيندو. ڪو خاص خرچ ڪونه ايندو. سائيٽ جي مهورت به انهيءَ پروگرام ۾ ٿئي ته بهتر ٿيندو. شخصيتن بابت گڏجاڻيون ٿيڻ گھرجن... ميمبر شپ ڏني وڃي................. (خواجا ذوالفقار)

 

          پروگرام ٿيڻ گھرجي، رقم جو بندوبست پهرين ڳالهه آهي، تعاون وٺڻ گھرجي... ميمبر شپ ڏيڻ گھرجي. سمورين ڳالهين سان مان متفق آهيان........ (زاهد راهوجو)

 

          اهو پروگرام فائينل ٿي ويو هو پر ڪن سببن جي ڪري ٿي نه سگھيو. هينئر ڊسمبر ۾ ٿئي ته تمام بهتر ٿيندو. ويب سائيٽ تيار آهي ۽ بهتر نموني ٺهيل آهي، جلدي سندس مهورت ٿيڻ گھرجي. پروگرام ۾ ٿئي ته بهتر ٿيندو. ميمبر شپ ڏني وڃي..... (جهانگير عباسي)

 

                           فيصلا.............

 

          01.          گڏيل راءِ سان اهو فيصلو ٿيو ته هن صديءَ جي مهان شاعر شيخ اياز، سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر سان تعلق رکندو هو، تنهنڪري سندس جو هن شاخ تي تمام گھڻو حق ٿئي ٿو. شاخ کي سندس ورسيءَ تي شايان شان پروگرام ڪرڻ گھرجي، ان پروگرام جي مالي سهائتا لاءِ دوست ڪوششون ڪن. محترم مونس اياز جيڪو هينئر ڊائريڪٽر جنرل ڪلچر آهي، کي مالي سهائتا لاءِ سيڪريٽري خط لکي ۽ کيس هن پروگرام جي خاص مهمان طور دعوت ڏئي.

          02.          متفقه  راءِ سان اهو فيصلو ٿيو ته ادبي سنگت جي ويب سائيٽ جي مهورت، شيخ اياز جي پروگرام ۾ ڪئي وڃي جيئن گھڻي کان گھڻا ماڻهو ان ڳالهه کان آگاهه ٿي سگھن ۽ فائدو حاصل ڪري سگھن.

          03.          غير حاضر ميمبرن لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ته کين هڪ جنرل خط لکجي جنهن ۾ کين ڄاڻائجي ته سنگت جون گڏجاڻيون باقائدا هلي رهيو آهن، جنهن ۾ هو گهٽ ۾ گھٽ 50 سيڪڙو حاضريءَ کي يقيني بڻائن. ٻي صورت ۾ کين تنبيهي نوٽيس ڏنو ويندو. اهو ليٽر کانئن ر سيو ڪرائي ريڪارڊ ۾ رکيو وڃي.

          04.          اڳ ٿيل خاص گڏجاڻين وانگر هن دفعي به خاص گڏجاڻيون رکيون وڃن، ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريائين سائين تنوير عباسيءَ جي ورسيءَ جي موقعي تي پروگرام ٿيڻ گھرجي، جنهن کان بعد عيد گڏجاڻي ٿئي ۽ آخري پروگرام اياز قادريءَ متعلق ٿئي.

          05.          اتفاق راءِ سان اهو فيصلو ڪيو ويو ته محترم مريد سنڌيءَ کي سنگت جي ميمبرشپ ڏني وڃي.


مک پني تي وڃڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪندا..............


هن سائيٽ جا سمورا حق ۽ واسطا، سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر وٽ محفوظ آهن.

ويب ڊزائنر : عبداللطيف انصاري..... انصاري ڪميونيڪيشن اينڊ ويب هوسٽنگ سکر سنڌ