|
ڪاروباري ڪميٽيءَ جي اجلاس جي ايجنڊا |
|
|
سنگت جي
ويب سائيٽ لاءِ ذاتي ڊومين ۽ ويب هوسٽنگ خريد ڪرڻ |
 |
|
نوان
پروگرام ترتيب ڏيڻ |
 |
|
ساليانون
چونڊون |
 |
|
حبيب ساجد
پاران، سنگت لاءِ اختيار ڪيل رويي تي بحث |
 |
| |
|
دوستن جا ويچار ۽ مشورا |
| |
|
1. سکر جي
ادبي سنگت پاران شيخ اياز جو ڪو خاص پروگرام نه ٿي سگھيو آهي، جڏهن ته سندس
جا سکر جي ادبي سنگت تي خاص ڪري تمام گھڻا حق آهن. ان سلسلي ۾ پروگرام ٿيڻ
گھرجي ۽ مولائي شيدائي ۽ رشيد ڀٽيءَ بابت به پروگرام ٿيڻ گھرجي. ٻين جي
محنت پنهنجي کاتي ڪرڻ ۽ تنظيم خلاف پروپگينڊا ڪرڻ منفي ۽ سزا جوڳو عمل آهي.
قانوني قدم کڻندي حبيب ساجد کي هڪ نوٽيس ڏيڻ گھرجي ۽ کانئس وضاحتون طلب
ڪجن..... ادل سومرو |
|
|
2.
سنگت جي ويب سائيٽ لاءِ ذاتي ڊومين ورتو وڃي مون ان سلسلي ۾ ويب هوسٽنگ
ڪمپنيءَ جي بااختيارن سان ڳالهيون ڪيون آهن. هو اسان کي 250 ايم بي جي ويب
اسپيس ۽ هڪ عليحدا ڊومين نيم صرف 800 روپيا سالانا ڏيڻ لاءِ تيار آهن. باقي
حبيب ساجد جي باري ۾ ڳالهائڻ لاءِ سنگت ويٺي آهي. منهنجو ڳالهائڻ ذاتي ٿي
ويندو. سو ان سلسلي ۾ سنگت کان معذرت. نون پروگرامن لاءِ اهو بهتر ٿيندو ته
جيڪي اسين ماضي قريب ۾ پروگرامن کي شيڊيولڊ ڪيو آهي ۽ اهي ٿي نه سگھيا آهن
سي پهريائين ڪرائجن تنهن کان پوءِ ٻين پروگرامن کي ترتيب ڏجي ته بهتر
ٿيندو.
عبداللطيف
انصاري |
|
|
3. اڳواٽ رٿيل پروگرام ٿيڻ گھرجن،
ان کان بعد ئي ٻين پروگرامن کي ترتيب ڏيڻ گھرجي. حبيب جي معاملي ۾ آئيني
طور تي عمل ڪيو وڃي. حبيب کي ميمبر جي حيثيت سان جوابداريءَ جو نوٽيس ڏيڻ
گھرجي ۽ کيس ادبي سنگت جي خلاف سرگرمين جو نوٽيس پڻ ڏنو وڃي ۽ اهو پڻ رسيو
ڪرائجي..... اياز گل |
|
|
4.اڳ ۾ طي ٿيل پروگرام
نه ٿي سگھيا آهن، ان ڪري اڳ ۾ طي ٿيل پروگرامن تي ڌيان ڏنووڃي ته بهتر
ٿيندو......... قدير انصاري. |
|
|
5. حبيب
ساجد جي باري ۾ قانوني قدم کڻجن......
جهانگير عباسي. |
|
|
6.
نوان پروگرام ٿيڻ گھرجن، حبيب جو گھٽ ۾ گھٽ عهدو بنا نوٽس ڏيڻ جي ختم ڪرڻ
گھرجي..انور
ميمڻ |
| |
|
فيصلا |
| |
|
1. گڏيل طور فيصلو ڪيو ويو ته ويب هوسٽنگ ۽ ڊومين نيم ورتو ويندو جنهن لاءِ
عبداللطيف انصاريءَ کي خدمت جو موقعو ڏنو ويندو. |
|
|
2. مارچ ۾ شيخ اياز جي سالگرهه تي پروگرام ٿيندو. فيبروريءَ ۾ رحيمداد مولائي
شيدائي ۽ رشيد ڀٽيءَ بابت پروگرام ٿيندا. |
|
|
3. حبيب ساجد
کي 15 ڏينهن جو نوٽيس ڏنو ويندو جنهن ۾ کانئس وضاحت طلب ڪئي ويندي، 15
ڏينهن تائين وضاحت نه ڏيڻ کان پوءِ ڪاروباري ڪميٽي سندس ميمبر شپ ختم ڪرڻ
لاءِ بااختيار هوندي. |
|
|
4. مرڪزي چونڊن بعد پهرين هفتي ۾ شاخ جون چونڊون ڪرايون وينديون. |
|
|
5. سنگت جي سائيٽ لاءِ هر
ميمبر کان ساليانو 50 روپيا ورتو ويندو. |