|
|
محترم ادل سومرو |
01 |
|
|
محترم ممتاز بخاري |
02 |
|
|
محترم عبداللطيف انصاري |
03 |
|
مضمون |
محترم انور ميمڻ |
04 |
|
|
محترم خالد ٻانڀڻ |
05 |
|
|
محترم آصف سومرو |
06 |
|
|
محترم زاهد راهوجو |
07 |
|
|
محترم مهر خادم |
08 |
|
|
محترم عبدالقدير انصاري |
09 |
|
|
|
محترمه بينظير ڀٽو جي
شهادت جي حوالي سان دوستن جا ويچڙ |
|
|
|
اها ڳالهه سڀئي مڃين ٿا ته پاڪستان جي سموري تاريخ ۾ محترمه جهڙي ذهين
سياسي عورت پيدا نه ٿي آهي. هوءَ جتي به وئي ان کي سنڌي جي ڄائي سمجھيو ويو
جنهن ڪري هر هنڌ سنڌ جو نالو روشن ٿيو. ماڻهن سندس وڇوڙي تي تمام گهري ڏک
جو اظهار ڪيو. هن بهادر عورت خطري جي ڄاڻ هئڻ جي باوجود پاڪستان آئي ۽ عوام
۾ رلي ملي وئي. سياست ۾، عوامي انداز هن پنهنجي والد وارو اختيار ڪيو. ڀٽي
وانگر پنهنجي ڪارڪنن جا نالا به ياد رکندي هئي. هن پنهنجي اڻٿڪ محنت سان هن
جلدي سياست ۾ پختگي ماڻي. سندس شهادت تي سندسن جا سخت مخالف به سندس حمايت
۾ لکيو آهي. ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو ٻه اهڙا ليڊر هئا جن لاءِ چارئي
صوبا رنا. هنن سياست جا سمورا پراڻا ڪلچر تبديل ڪري ڇڏيا. سندس لاءِ گھر
گهر تڏو وڇايو ويو. سندس شهادت سموري دنيا لاءِ بيپناهه نقصان جو باعث آهي.
ادل
سومرو. |
|
|
عام طور تي اهو ڏٺو ويو آهي ته خاص ماڻهن لاءِ خاص مانهو ئي روئندا آهن ۽ عام
ماڻهن لاءِ عام ماڻهو. پر 27 ڊسمبر جي ڪاري ڏينهن تي اها پراڻي روايت ٽٽندي
محسوس ٿي، جڏهن سنڌ ڄائي محترمه بينظير ڀٽو سازشي عنصرن
هٿان زخمي ٿيڻ بعد شهيد ٿي وئي ۽ سندس لاءِ غريب کان غريب تر
ماڻهو پئي رنو. هر اک آلي ۽ سمورن جي دل غمن سان ڀريل
هئي. پاڪستان ۾ هميشه کان ائين ٿيندو آيو آهي ته جمهوريت جي ٻوٽي کي
اسرڻ کان اڳ ئي ڪپيو ويندو آهي. بينظير جمهوريت جي وڻ جي اها شاخ هئي
جنهن پاڪستان جي هر صوبي، پنجاب، سرحد
۽ بلوچستان تي ڇانئجي ڇانو ڪئي پر ان مضبوط شاخ جون
پاڙون جيئن ته سنڌ ڌرتي ۾ جڪڙيل هيون تنهنڪري سندس سڃاڻ
سنڌياڻي طور هئي. سندس شهادت سموري انسانيت کي
ڏکوئي رکيو آهي. سندس خال ايندڙ ڪيترين صدين تائين ڀرجڻ جهڙو ناهي ...
عبداللطيف
انصاري. |
|
|
انسان جو کاڌي ۽
پاڻيءَ وانگر جمهوريت به بنيادي حق آهي ۽ محترمه بينظير ان جمهوريت جو
اهڃاڻ هئي. بينظير ڀٽو کي ماري سنڌين کان بنيادي حق کسيو ويو آهي......
قدير انصاري. |
|
|
هڪ واقعو هڪ الميو، جنهن سڄي
سنڌ سميت دنيا کي سوڳ ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي. هن جا ڪارڪن ته اڄ ته مڃڻ لاءِ
تيار ناهن ته محترمه شهيد ٿي چڪي آهي. خودڪش ٽارگيٽ ڪلنگ وسيلي اهي سلسلا
هلندڙ آهن. سندس شهادت سنڌي ماڻهن کي يتيمي واري ڪيفيت ۾ وٺي وئي آهي.......
خالد ٻانڀڻ. |
|
|
محترمه جي شهادت وڏو سانحو
آهي. هوءَ رڳو سياسي نه پر انٽليڪچوئل ڪلاس سان تعلق رکندي هئي. هن جمهوريت
لاءِ جدوجهد ڪئي جنهن سبب کيس شهيد ڪيو ويو.....
مهر خادم |
|
|
ڀٽو صاحب عالمي طور
سنڌين جي سڃاڻپ ڪرائي ۽ محترمه ان سلسلي کي قائم رکيو. ڀٽو صاحب جي شهادت
کان پوءِ بينظير پنهنجي ٽيلينٽ آڌار جمهوريت وارو مشن جاري رليو. سندس
شهادت وڏو سانحو آهي.......
انور ميمڻ. |
|
|
هن وقت نااميديءَ واري
صورتحال آهي. ڇو ته عوام جي ڀٽو صاحب پاران ٻاريل مشعل کي وسائڻ جي ڪوشش
ڪئي وئي آهي.....
زاهد راهوجو. |
|
|