|
|
محترم ممتاز بخاري |
01 |
|
بيت |
محترم اياز گل |
02 |
|
|
محترم عبداللطيف انصاري |
03 |
|
|
محترم عبدالجبار مهر |
04 |
|
|
محترم زاهد راهوجو |
05 |
|
|
محترم آصف سومرو |
06 |
|
|
محترم اسد عباسي |
07 |
|
|
محترم خالد ٻانڀڻ |
08 |
|
نظم |
محترم جواد صديقي |
09 |
|
|
محترم مرتضى جوڻيجو |
10 |
|
|
|
دوستن جا تنقيدي رايا............. |
|
|
|
ڪافي عرصي کان پوءِ
سائين اياز گل دستوري گڏجاڻيءَ ۾ پڙهيو آهي. تمام گھڻي خوشي ٿي آهي. سندس
بيت ۾ نئين ۽ پراڻي دؤر جو عڪس چٽيءَ طرح موجود آهي. قديم کان قديم ۽ جديد
کان جديد تشبيهون ۽ استعارا استعمال ٿيل آهن. سندس بيتن ۾ اڄ جي معاشري جو،
ڪلهه جي معاشري سان تقابلي جائزو پيش ڪيو پيو وڃي. سندس بيتن ۾ اڄ جي دؤر ۽
ثقافت کي ريپريزنٽ ڪيو ويو
آهي.................
عبداللطيف انصاري |
|
|
خوشبختي آهي جو سائين
اياز بيت پڙهيا. پليجو صاحب جو ايڪسيڊنٽ ٿيو ته سائين جن انهن سان ملڻ ويا
۽ کين شعر پڙهي ٻڌايا، تنهن تي پليجي صاحب سائينءَ کي چيو ته اوهين پنهنجا
شعر ڏيو ته مان ان تي لکان. ان ڳالهه مان سائين اياز جي شعر جو اندازو
لڳائي سگھجي ٿو. هر بيت جو خيال ٻيو آهي. بيت سيريز ۾ ناهن. غزل جي لفظن جو
استعمال تمام خوبصورتيءَ سان ٿيل آهي. فني حوالي سان خطن ۽ اي ميل جو
رومانس هڪ نئين روايت آهي. اصل آرٽ حدن کي ٽوڙي ٿو. هر لفظ هر صنف جي لاءِ
لڳي ٿو........................
ممتاز بخاري |
|
|
اياز گل جي شاعري
جديديت جو عڪس آهي. اسان کي سکڻ جو موقعو مليو آهي............
عبدالجبار مهر
|
|
|
شاعر، وقت ۽ حالتن
سبب مٽجندڙ شين جوامين هوندو آهي. هي بيت به ايندڙ نسل جي رهنمائي ڪندا.
اسان سائين کان تمام گھڻو پرايو آهي......................
خالد ٻانڀڻ. |
|
|
هي بيت اتساهه ڏيندڙ
۽ زندگيءَ کي وڌيڪ پرمسرت ڪندڙ آهن.................... زاهد راهوجو. |
|
|
اياز گل هن دور جي
وڏن لکندڙن ۾ آهي. هي بيت ان ڳالهه جي نشاندهي آهن ته هي اڄ جي دور جو شعر
آهي. شعر انسان زندگيءَ سان واسطا ۽ خيال آهن................
مير اسد عباسي. |
|
|
اڳ ۾ بيتن ۾ لفظ رٻڙ
اسٽيمپ طور استعمال ٿيندا هئا. پر هنن بيتن ۾ نوان لفظ آهن. سندس شاعريءَ
مان اياز گل جي نوجوان ذهن جي عڪاسي ٿئي ٿي................
جواد صديقي. |
|
|
بيت ڪلاسيڪل صنف آهي.
ٻين شاعرن به ان تي تجربا ڪيا آهن. شيخ اياز ان جو زبردست مثال آهي. مون اڳ
بيت تمام گھٽ لکيا آهن، اسان وٽ سکر ۾ اسد عباسي ۽ حبيب ساجد بيت جا سٺا
شاعر آهن. شاعريءَ لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ روان دور جون تشبيهون، استعارا ۽
لفظ شامل هجن...................
اياز گل |
|
|
اياز گل جي سموري
شاعريءَ ۾ اصليت سمايل هوندي آهي. بيتن ۾ روان دور جي ماڻهن کي احساس ڏيارڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي آهي..................
مرتضى جوڻيجو. |
|