سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي دستوري گڏجاڻين جي تفصيل پڙهڻ لاءِ ڀليڪار

جمعو، 08 جون،2007 (خاص گڏجاڻي) ولي رام ولڀ سان ڪچهري

          سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي خاص گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ سنڌ جي نامور اديب ۽ مترجم محترم ولي رام ولڀ سان ڪچهري ڪئي وئي، جنهن ۾ ان پنهنجي زندگيءَ ۽ سنڌي ادب جي تاريخ، حال ۽ مستقبل جي باري ۾ پنهنجا رايا ڏنا ۽ دوستن جي سوالن جا جواب ڏنا. ان خاص گڏجاڻيءَ ۾ هيٺين دوستن شرڪت ڪئي ۽ ولي رام ولڀ صاحب کان ادبي حوالي کان سوال پڇيا.

صنف

نالو

نمبر

 

     محترم ادل سومرو

01

 

     محترم اياز گل

02

 

     محترم عبداللطيف انصاري

03

 

     محترم عبدالقدير انصاري

04

 

     محترم ممتاز بخاري

05

 

     محترم آصف سومرو

06

 

     محترم عبدالجبار مهر

07

 

     محترم خالد ٻانڀڻ

08

 

     محترم ايم بي سومرو

09

 

     محترم مرتضى جوڻيجو    

10

 

     محترم امجد چنو

11

 

     محترم مهر خادم

12

 

     محترم ڏيوناڻي جئرام داس

13

 

     محترم قربان پيرزادو

14

 

     محترم اسد عباسي

15

 

     محترم ڪمليشور لوهاڻو

16

 

     محترم حبيب ساجد

17

 

     محترم منظور بيدار

18

 

     محترم گل ڪٽوهر

19

 

     محترم ولي رام ولڀ

20

 

     محترم انور ميمڻ

21


ڪچهري، رايا ۽ سوال جواب

 

         ولي رام صاحب جي ترجمي نگار سان گڏ هڪ محسن واري حيثيت به آهي. اهي هميشه غير متنازعه شخصيت رهيا آهن. سندن گھر هميشه ادبي گڏجاڻين جو مرڪز رهيو آهي........... استقباليه خطاب ۾ ادل سومري جا ويچار


         وليرام صاحب جو ترجمو، حقيقي لکڻي ۽ تخليقي محسوس ٿيندو آهي. ادبي سنگت ۾ هن جهڙا ماڻهو آهن، تڏهن ئي اها جيئري آهي............... قربان پيرزادو


         ولي رام صاحب سان ٽيهن سالن جو واسطو آهي ۽ مون اڄ تائين وليرام صاحب جا سڀئي ترجما پڙهيا آهن. وليرام صاحب جن منهنجا آئيڊيل آهن............... ڊاڪٽر ڏيوناڻي جئرامداس.


         ولي رام صاحب کي ڏسي کين رول ماڊل ڪرڻ تي دل چاهيندي آهي. اسان جي ادبي دنيا ۾ صرف تهمتون کڻندڙ نه پر وليرام صاحب جهڙا رول ماڊل اديب به آهن. وليرام جو شمس چيمبر وارو گھر هر اديب جو تڏو رهيو آهي، وليرام صاحب ڪڏهن به ننڍوڏائي جو احساس ناهي ڏياريو. سندن گھر ننڍو پر دل تمام وڏي آهي. مٺيءَ کان حيدرآباد آيو ته سينيما ايڊورٽائيزمينٽ جو ڪم شروع ڪيو. ان سانگي سکر ايندا هئا. سنڌي ادب ۾ ترجمي نگاريءَ ۾ ٻن ماڻهن جو ڪم هميشه ياد رکيو ويندو. هڪ مرزا قليچ بيگ ۽ ٻيو ولي رام ولڀ جو............... اياز گل


        مونکي منهنجي خبر ناهي ۽ مان چاهيان ٿو ته مونکي خبر ئي نه پوي. جيئن ڪم ڪندو رهان. سکر ۾ مونکي اياز ۽ ادل هڪ سڪي جا ٻه پاسا لڳندا آهن. مون جيترو به زندگيءَ ۾ ڪم ڪيو آهي، مان چاهيان ٿو ته مونکي جيتري به زندگي ملي ان ۾ ان کان وڌيڪ ڪم ڪريان. هينئر عمر ان ڊگر تي پڳي آهي جو هٿ مان قلم، ڪوپ ۽ گلاس به اوچتو ڪري پون ٿا. مون زندگيءَ کان هميشه پنهنجي مفاد جو ڪم ورتو آهي. مان اڄڪلهه هندي ڊڪشنريءَ تي ڪم ڪيان پيو. پنج هزار لفظ، انهن جي معنى وغيره لکي آهي ۽ گھٽ ۾ گھٽ 15 هزار لفظ رهيل آهن. پر ان جو اجورو ڪير ڏيندو؟ مونکي پنهنجا ڪتاب به پنهنجي پيسن مان ڇپائڻا ٿا پون. ڊڪشنري ڪڏهن به ترجمو نه ٿي سگھندي آهي. ان ۾ ترتيب جي خاص اهميت آهي. اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترتيب الڳ آهي. مون مختلف ٻولين جي ڪلاسيڪل ڪهاڻين جا پنج مجموعا ترجما ڪيا آهن ٽي سؤ ڪهاڻيون ترجمو ڪيون آهن ۽ دنيا جي مشهور 60 اديبن تي پروفائيل به لکيا آهن. مان ڪم ۽ ماڻهن جي رويي مان ڊسڪريج نه ٿيو آهيان.................. وليرام ولڀ


        80 واري ڏهاڪي تائين لکيل ادب سنڌيءَ جو معياري ادب چيو وڃي ٿو ۽ اڄوڪي ادب بابت توهان جي راءِ ڇا آهي....؟ ........... قدير انصاريءَ جو سوال


        اهو تاثر آهي ته اسان جو ادب عالمي معيار جو آهي. ان ڳالهه سان مان سهمت ناهيان، سنڌي ادب سنڌ جو ادب آهي ۽ ان جي ٻين ادبن سان ڀيٽ ڪرڻ مناسب ناهي. باقي ڪهاڻي ۽  شاعري سٺي لکجي ٿي. ناول جو ڪوئي حال ناهي، شاعري تمام گھڻي ٿئي پئي، تنقيد جو حال برو آهي. ان ڪري شاعري بابت ڪير طي ڪري ته اها سٺي آهي يا بري. اسان وٽ ماڻ ماپا ناهن، تعريفون ۽ تاڙيون گھڻيون آهن تنقيد لاءِ سهپ پيدا ٿيڻ گھرجي......... ولي رام ولڀ


         توهان منهنجا هميشه کان آئيڊيل رهيا آهيو. مان توهان جي نثر نظمن کان به متاثر رهيو آهيان.  دنيا ڪمپيوٽر ڏانهن شفٽ پئي ٿئي. ترجما سافٽ شيپ ۾ ڏيو اسان ويب سائيٽ تي آڻينداسين.......... حبيب ساجد


         اوهان جي مهرباني جو اوهان مونکي پسند ڪيو ٿا. باقي سافٽ ڪاپيءَ جو سوال آهي ته ان بابت مونکي ڪا خبر ناهي. باقي منهنجي پٽ ڪمليشور کان توهان پڇيو اهو ضرور توهان کي ٻڌائيندو....... ولي رام ولڀ


         توهان ڪهاڻيون ترجمو ڪيون آهن. سنڌي ادب جون لکيل ڪهاڻيون به پڙهيون آهن. ان حساب سان سنڌي ڪهاڻيون ڪٿي بيٺل آهن............. مهر خادم


         اسان ڪهاڻيءَ ۾ اوڻويهين صديءَ ۽ ويهين صديءَ جي وچ تي بيٺا آهيون. اسان موپاسان ۽ اوهينريءَ سان ڪهاڻيون ڀيٽيون ٿا. نئين ڪهاڻي سمجھه ۾ ئي نه پئي اچي. مان ڀيٽ نه ٿو ڪريان ڇو ته اهي سڀ پنهنجن حالتن ۾ لکن ٿا..................... ولي رام ولڀ


        توهان جو گھڻو فڪشن وارو ڪم ترجمو ڇو آهي؟..................... قدير انصاري


        فڪشن منهنجو پهريون پيار آهي. مون تي اردو مان ترجمو ڪرڻ جو به الزام آهي. پر جيڪا شيءِ وڻندي آهي سا ترجمو ڪري وٺندو آهيان...... ولي رام ولڀ


        ساميءَ تي ڪم ڇو نه ٿيو آهي؟ ان جو سبب مذهبي تعصب آهي يا سندس ٻولي ئي ڏکي آهي؟ ................................................... منظور بيدار


        ڳالهيون ٻئي آهن. سامي ڪتابن مان نڪري ويو ته ماڻهن وٽان به نڪري ويو. ڇو ته ڪورس جي ڪتابن مان ان کي ڪڍيو ويو. سامي جي يادگار ۽ چيئر جا اعلان ڪيا ويا پر ڪجھه ڪين وريو. صديقي صاحب صرف ۽ صرف بلوچ صاحب جي چوڻ تي هلندو آهي. بلوچ صاحب ته ساميءَ کي شاعر ئي ڪونه مڃيندو آهي. فيصلو ڪرڻ وارا ساميءَ کي مذهبي حوالي سان ڏسن ٿا.......................... ولي رام ولڀ.


محترم ولي رام ولڀ سان ٿيل ڪچهريءَ جون تصويرون ڏسڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪندا

 

ٺهراءُ/ تعزيتي اجلاس/ مذمتي قرارداد

 

مک پني تي وڃڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪندا..............


هن سائيٽ جا سمورا حق ۽ واسطا، سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر وٽ محفوظ آهن.

ويب ڊزائنر : عبداللطيف انصاري..... انصاري ڪميونيڪيشن اينڊ ويب هوسٽنگ سکر سنڌ