|
ڪاروباري ڪميٽيءَ جي اجلاس جي ايجنڊا |
|
|
ايندڙ ٽن
مهينن جي پروگرامن جي ترتيب |
 |
|
صدر صاحب
جي اجازت سان
ٻيو ڪوبه اسم |
 |
| |
|
دوستن جا رايا ۽ مشورا |
| |
|
گذريل ڪاروباري
ڪميٽيءَ جي فيصلن موجب ٻن ميمبرن جي آئيني طريقي سان ميمبرشپ ختم ڪئي وئي،
بسنت
مشاعرو، ٻه خاص گڏجاڻيون ٿيون. مرڪزي ڪاروباري ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ٿي.
دستوري
گڏجاڻيون ٿيون. ايندڙ پروگرامن ۾ سنڌي سرائيڪي ادب جو تقابلي جائزو، خاص
گڏجاڻيون،
ويب سائيٽ ۽ رهجي ويل ڪم پورا ڪبا..................
ممتاز بخاري |
|
|
ويب
سائيٽ جو ابتدائي ڪم مان ڪري چڪو آهيان، ميمبرن کي سندن پروفائيل لاءِ
پروفارما ڏنو
ويندو. ميمبرن کي اها گذارش آهي ته اهو پروفارما ايندڙ گڏجاڻيءَ تي ڀري ڪري
ڏين،
جيئن سائيٽ جو ڪم وقت سر پورو ٿي سگهي. ان کان علاوه خاص گڏجاڻين جو سلسلو
جاري رهڻ
گھرجي، نيوز ليٽر جاري ڪيو وڃي. مختلف ننڍا ننڍا پروگرام ڪرايا وڃن. سرائڪي
۽ سنڌي
ادب وارو پروگرام ٿيڻ گھرجي سائين اياز گل جي تجويز ڪيل نالن سان گڏ ٻيا به
نالا
هجن جيئن ڪنهن دوست جي نه اچڻ تي اسين بروقت متبادل بندوبست ڪري سگھون ان
ڏس ۾ مون
وٽ سنڌيءَ لاء ٻه نالا، قدير انصاري ۽ اسحاق سميجو آهن ۽ سرائيڪيءَ جي لاءِ
پڻ ٻه
نالا رفعت عباس ۽ جامي چانڊيو آهن...............
عبداللطيف انصاري |
|
|
مهيني
۾ ڪنهن به هڪ
صنف تي گڏجاڻي ٿيڻ گھرجي، جيئن سڀ پڙهي سگھن ۽ هڪٻئي متعلق ڄاڻي
سگھن.........
حبيب ساجد |
|
|
بسنت مشاعرو شاندار
هيو. ان جي ان جي سي ڊي اڃا ڪونه ٺهي آهي. باقي ٻيو پروگرام اڃا سٺي ليول
تي ٿيڻ
گھرجي. سنڌي سرائيڪي ادب جو تقابلي جائزي وارو پروگرام ۾ سرائڪيءَ لاءِ
جاويد
چانڊيو ۽ سنڌيءَ لاءِ لطيف نوناري صاحب جن هجن..............................
اياز گل |
|
|
سائين اياز گل جن جا ڏنل نالن وارا آپشن صحيح آهن......................
خالد
ٻانڀڻ |
|
|
جاويد
چانڊيو
سرائڪيءَ جي لاءِ بهتر چوائس آهي. تاج جويو کي سنڌي ادب جي لاءِ گھرايو
وڃي. صدارت
جي لاءِ لطيف نوناري هجي. سيڪريٽري ذڪر ڪيل نالن سان لهه وچڙ ۾ اچي، جيڪي
اچن ٿا
اهي فائنل ٿين. نيوز ليٽر لاءِ اشتهار ڳولجن.................
مهر خادم. |
| |
|
فيصلا.......... |
|
1. جون جي
پهرين يا ٻئي هفتي ۾ سرائڪي ـ سنڌي ادب جو تقابلي جائزي وارو پروگرام
ٿيندو. جنهن ۾ جاويد چانڊيو، لطيف نوناري، رفعت عباس، تاج جويو، اسحاق
سميجو، قدير انصاري ۽ جامي چانڊيو مان ڪي به ٻه ليڪچر لاءِ ، ٻه صدارت جي
لاءِ ۽ به خاص مهمان هوندا. پروگرام سيڪريٽري ۽ خالد ٻانڀڻ حتمي طور
طي ڪندا. |
|
2. پروگرام
دوران شاخ جي ميمبر عبداللطيف انصاريءَ جي تيار ڪيل ويب سائيٽ، جنهن کي
ميمبر حبيب ساجد اسپيس ڏنو آهي، جي مهورت پڻ ٿيندي ۽ ان کان علاوه نيوز
ليٽر ۽ بسنت مشاعري جي سي ڊي رليز ڪئي ويندي. |
|
3. ٽن مهينن
دوران ٽي خاص گڏجاڻيون ٿينديون. |
|
4. پروگرام
لاءِ هر ميمبر 50 روپيا ايڊهاڪ فنڊ ڏيندو. |