|
سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر جي
خصوصي گڏجاڻي محترم
زاهد راهوجو جي صدارت هيٺ
ٿي گذري، هن خصوصي گڏجاڻيءَ ۾
محترم عبداللطيف انصاريءَ، سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان ”اي بوڪس جي تاريخ،
سنڌي اي بوڪس جو ڪارج، حال ۽ مستقبل“ جي عنوان تي ليڪچر ڏنو. جنهن ۾ هيٺيان
دوست شريڪ ٿيا ليڪچر ٻڌو ۽ سوال پڇيا. |