|
|
محترم ادل سومرو |
01 |
|
|
محترم اياز گل |
02 |
|
|
محترم عبداللطيف انصاري |
03 |
|
|
محترم ممتاز بخاري |
04 |
|
|
محترم عبدالقدير انصاري |
05 |
|
|
محترم رفيق سومرو |
06 |
|
|
محترم مهر خادم |
07 |
|
|
محترم عبدالجبار مهر |
08 |
|
|
محترم حبيب ساجد |
09 |
|
|
محترم آصف سومرو |
10 |
|
|
محترم انور ميمڻ |
11 |
|
|
محترم زاهد راهوجو |
12 |
|
|
محترم خالد ٻانڀڻ |
13 |
|
|
محترم عزير سومرو |
14 |
|
|
تاج محمد ابڙي بابت
دوستن جا ويچار |
|
|
|
اسان جي به شايد تاج
محمد جهڙي زندگي هئي جو 1979ع کان ادبي سنگت پان پري ٿي ويا سين. افسوس
آهي ته اسان ان کان پري ڇو رهياسين. اياز قادري جو مٿس لکيل مضمون مان وڏي
خبر پئي. هر مهيني اهڙين شخصيتن تي ڳالهائڻ گھرجي. ضرور ناهي ته ڏاهو لکي.
يونان ۾ الله سائينءَ اهڙا ڏاها پيدا ڪيا جن ڪتاب نه لکيا پر ڏاهپ وڏي ڏني.
تاج محمد جيڪو پاڻ نه لکيو اهو ٻيا لکي ويا. قدرت هن کان اهو ڪم ورتو ته هن
رشيد ڀٽي ۽ برڪت آزاد جهڙن کي اتساهه ڏنو. لاڙڪاڻي وڏا پڙهيل ۽ ڏاها ماڻهو
پيدا ٿيا آهن. ابڙي ۾ به سقراطي رڳ هئي.........
(رفيق سومرو) |
|
|
تاج محمد ابڙو جڏهن
سيشن جج هيو ته مان ان وقت پرائمري استاد هيس ان وقت مان شِخ اياز کان سندس
ايمانداريءَ جون ڳالهيون ٻڌندو هيس.
منهنجون ساڻس ٻه ٽي
ملاقاتون ٿيون.
هو شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ جو گهرو دوست هو. اهڙي شخصيت تي وڏين
شخصيتن لکيو آهي ۽ سندس تعريف ڪئي آهي. ان مان ظاهر آهي ته هو ڪيڏو وڏو
ماڻهو هو. هن لاڙڪاڻي ادبي سنگت جو بنياد رکيو. تاج محمد ابڙي ئي تجويز ڏني
هئي ته ادبي سنگت جي مرڪزي تنظيم سازي ڪئي وڃي. سندس ئي جاءِ تي سندس ان
تجويز کي عملي شڪل ڏني وئي. هو روشن خيال هو. هن پٽن سان گڏ نياڻين کي به
تعليم ڏياري. هن جي
شخصيت مان معلوم ٿئي ٿو ته اهڙن ماڻهن جي قدمن تي هلي
انقلاب آڻي سگھجي ٿو....
(ادل سومرو) |
|
|
تاج محمد ادب دوست
هيو. اهو دؤر ڏاهپ جو دؤر هيو. هن ان دؤر جي وڏن ماڻهن سان گڏجي سنڌي ادب ۽
ٻوليءَ کي اڳتي وٺڻ وارو ڪم ڪيو. اهڙا ماڻهو گھٽ ملندا، هينئر ته ناپيد
آهن. انهن لاءِ محفلن ۾ پڙهيو وڃي.....
(اياز گل) |
|
|
|
تاج محمد ابڙي بابت
پروگرام ڪرائي وڏن ماڻهن جي ياد جو سلسلو قائم ڪرڻ هڪ سٺو ڪم آهي. تاج محمد
صاحب بابت ڄاڻ حاصل ڪري تمام گھڻي خوشي ٿي.......
(مهر خادم) |
|
|
تاج محمد ابڙي صاحب جي لاءِ، سائين ادل سومري جي راءِ تي خصوصي گڏجاڻي ڪيون
پيا. تاج محمد ابڙو صاحب هڪ نظرياتي، سياسي ۽ ڪميٽيڊ ماڻهو هيو. جنهن جو
اثر وڏن اديبن ۽ ادبي تحريڪن تي پيو.......
(ممتاز بخاري) |
|