|
سوات ۾ معصوم ڇوڪريءَ کي هنيل ڪوڙن جي ردعمل ۾........... هڪ نظم |
| |
|
|
|
|
ملان جو قاف
چهبڪ آ |
|
|
ملان جو شين چهبڪ آ |
|
|
ملان جو دين چهبڪ آ |
|
|
|
|
|
ڏسو سڀ ماٺ ۾
آهن |
|
|
ڏسو هت دين
جو جھنڊو بلنديءَ ڏانهن مائل آ |
|
|
اها عورت انهن
مان ڪنهن نه ڪنهن جي ڀيڻ ڀي هوندي |
|
|
ڪنهين جي زال
ڀي هوندي |
|
|
ڀلي
هو زال نه سمجهي |
|
|
انهيءَ جو
مال به هوندي |
|
|
انهيءَ جو مال
هر ڪنهن اک لئه هرمال ٿيو آهي |
|
|
|
|
|
ملان تن لئه مقدس آ |
|
|
ڄنڊن مان جنهن جي جوئان ٿيون اچن ٻر ٻر ڪنديون ٻاهر |
|
|
سندس لوئيءَ منجهان ڄڻ مٽ جي ڌپ ملڪ ساڙي ٿي |
|
|
اهو
مهندار ٿيو آهي |
|
|
سندس خود ساخته مذهب جو ٺيڪيدار ٿيو آهي |
|
|
|
|
|
اهو
عورت جي نازڪ جسم تي چهبڪ هڻي ويٺو |
|
|
مٽيءَ جا پنهنجي منهن ۾ ٻڪ هڻي ويٺو. |
|
|
|
عبدالقدير انصاري |