خواجه ذوالفقار   جي  چونڊ  شاعري

 
غزل ـ 1
 

پنڌ اسان جو نبــــــــــــــري ويندو

وقت، هوا جـــــــــان گذري ويندو

 

پيار اوهــــــــــان جو پنڇيءَ جهڙو

لهندي، ســــــــــــورج اڏڙي ويندو

 

جذبا جنهن جا جـــــــھور نه ٿيندا

طوفانن مان اڪري وينـــــــــــدو

 

سرگم ڇيڙ ڪو ٽهــــــڪن جو

اندر سارو اجــــــــــــــــــــري ويندو

 

سوچيو ڪين هو اڳ ۾ سـانول

”ذلف“ ئي توکان وسري ويــــــندو

 


هائيڪا
 

 

 

 

آ ڪيڏو اڪيلو

هر هنڌ تنهنجو نانءُ

پيار ڪهاڻي ناز جي

 

جڳ جا مصور تو بنا

 

باليءَ جو بنگلو

 

ڪجھه به ناهيان آءُ

 

 

 

 

 

صبح کاڌم ساڳ

احمد پور کان ڳوٺ

سانجھيءَ تائين سرمد جو

 

ساوا کيت پڇن ٿا هي

 

ويٺي ٻڌم راڳ

 

مس ڪئي ٿئي موٽ

 

 

 

 

 

کنوڻين جا چمڪار

اڀ تي کنوڻ کڙي

ڪڪر، هوا، سمنڊ، لهرون

 

ٺٽو رمجھم ٿيو روشن

 

بوندن جا وسڪار

 

ٽهڪ ڏنا مڪلي

 

 

 

 

 

چارڻ چوريو چنگ

لڙڪن ڌوتا ڳل

اڏاڻو، سائي لام تان

 

اڄ ڪاريءَ جي قبر تي

 

کڻي ڪبوتر سنگ

 

ڪو رکي ويو گل

 

       

کير سندي سرڪي

قلفيءَ جو هوڪو

ماءُ پياري ٻار کي

 

ٻار ڀڳو جو ڳليءَ ۾

 

ٻار پيو مرڪي

 

لڳي ويس ڪوڪو

 

 

 

 

 

سکر جا هائيڪا
 

 

 

 

مرڪيو چوڏهينءَ چنڊ

سندر سرمئي شام

سنڌوءَ وچ ۾ ساڌ ٻيلو

 

منهنجي سکر شهر مٿان

 

ٻائي وڄايو گھنڊ

 

پکين جي اڏام

 

 

 

 

 

سر نه ڪوئي ساز

پاڻيءَ ڪئي وراڻ

پراڻي سکر ڏي ويندي

 

سکر واريءَ پل وٽان

 

ساريو شيخ اياز

 

مرڪيو ٿي مهراڻ

 

 

 

 

 

سنڌڙيءَ جا شاعر

ڪٽ هڻي ٿو پاڻِ

ادل ۽ اياز ڀاڪرين

 

سکر پل سامهون ڳوٺڙو

 

جاڙا ڄڻ ڀائر

 

بچل شاهه مياڻي

 

 

 

 

 

حيرانيءَ ۾ لوڪ

پاڙو شمس آباد

روز مٽائن نالا پر

 

پوڙهو پٺيءَ ڪتاب

 

ساڳيو سيرو چوڪ

 

برڪت علي آزاد

 

 

 

 

 

 

 

کليل سڀ لئه در

 

 

آفيس سٽي شاخ جي

 

 

 

ادل  جوئي گھر

 

 

 

 

 


مک پني تي وڃڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪندا..............


هن سائيٽ جا سمورا حق ۽ واسطا، سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر وٽ محفوظ آهن.

ويب ڊزائنر : عبداللطيف انصاري..... انصاري ڪميونيڪيشن اينڊ ويب هوسٽنگ