| |
|
جيڪـــڏهن
تنهنجي جيت منهنجي هار ٿيندي |
|
سا به منهنـــــــــجي
حصي جي خوشي يار ٿيندي |
|
|
|
جي هوءَ پل ۾
مـــــــلي پل ۾ وڇڙي وئي ته پوءِ |
|
رڳو هڪڙي
لمــــــــــــحي جي وڃي سار ٿيندي |
|
|
|
ويندي ويڙهي
کي ويچــــــــارن ۾ صفا وڪوڙي |
|
تنهنجي نيڻن
جي رڳــــــــــــــــو جي نهار ٿيندي |
|
|
|
سال گذري ويا
آهن، لکڻ پڙهڻ آهي ڇــــــــــڏيو |
|
اها به خبـر
ناهه رهي ته ڪيئن آهي بهار ٿيندي |
|
|
|
پوئين پهر
ٽـــــــــرين تنهنجي شهر مان گذري ٿي |
|
ته پوءِ ڇو
ڀلا ڇو نه تيــــــز دل جي رفتار ٿيندي |
|
|
|
فقط موٽي
هڪڙو ڀيـــــــــــــــــرو ڏات ڏئي وڃ |
|
خالد تي اها
به تنهنجي هڪ اڌار ٿيـــــــــــــندي |
|
|
|