اياز گل   جي  چونڊ  شاعري

 
غزل ـ 1
 

دک جــــــي نه پڄاڻي آ

هر شخص ڪــــهاڻي آ

 

تون مان ئي ايــاڻا هئون

دنيا ته سيــــــــــــــاڻي آ

 

هر پيار کي ٻـــــــوڙي ٿو

رسمــــــــون اهو پاڻي آ

 

ڏيئـــي کي سلامت رک

جي لاٽ اجـــــــــھاڻي آ

 

احساس بنان ماڻـــــــهو

اخبار پراڻـــــــــــــــــــي آ

 

سڀ ڌوڙ ڪري ويندي

جا ڌوڙ اڏاڻــــــــــــــــي آ

 

هو مان ۽ رڳو ڳوڙهـــــا

نـــــــــــاول جي پڄاڻي آ

 

مــــــون لاءِ مري ويئين

هن تار امــــــــــــــــاڻي آ

 


غزل ـ 2
 
اندر اداس هونـــــــــــــــــــــدو
منظر اداس هونــــــــــــــــــدو
 
جــــــــــيسين ملي نه سگھبو
دلبر اداس هونــــــــــــــــــــدو
 
مونکي هو جنــــهن ڌڪاريو
سو گھر اداس هونــــــــــــــدو
 
ڪنهن تي ڪندو هو جادو
ساحر اداس هونــــــــــــــــــدو
 

ڪــــــــــــــــو ديوتا نه داسي

مندر اداس هونـــــــــــــــــــدو

 

شاعر هٿـــــــــــــن ۾ ڪورو

ڪاغذ اداس هونــــــــــــــدو

 

هن جي ڳلـــــــيءَ ۾ هڪڙو

ڇوڪر اداس هونــــــــــــــدو

 


غزل ـ 3
 

مونکي جي تنهــــــــنجو سهارو هوندو

وچ درياهه به ڪنــــــــــــــارو هوندو

 

لفظ ڪهڙا وري پنهنجا هونـــــــدس

جنهن کي لهجو ئي اڌارو هـــــــــــوندو

 

سڀ وڃن خيال جڪـــــــــــڙبا ان ۾

ذهن تي ياد جو ڄــــــــــــــــارو هوندو

 

هر فســــــــــــــــاني جو ٿئي دؤر ٿو پر

پيار هر دؤر ۾ نيـــــــــــــــــــارو هوندو

 

وات سان ”ننهن“ ۽ اکين ســـان ”هائو“

ڪيڏو وڻندڙ هي نظــــــــــارو هوندو

 

تو بنان جيئن ڪو جـــــــيئڻ هوندو

بس مڙئي دوست گـــــــــــذارو هوندو

 

جنهن کي چاهي ٿو انهيءَ جو گل کي

گھر ۽ شهر ڀي پيــــــــــــــــــارو هوندو

 

نظم ـ 1
 

سڀ ڪوڙ

 

ٻالپڻ کان ٿا

اهو ٻڌندا اچون

 

ڪوئي جي ياد ڪري ٿو ته

 

ٿئي ٿي هڏڪي

 

 

 

پر اهو ڪوڙ ، صفا ڪوڙ

 

لڳي ٿو هاڻي،

 

ائين هجي ها ته پوءِ

 

تنهنجي هڏڪي

 

بند ئي ڪين ٿئي ها

 

سانئڻ !

 

 


نظم ـ 2
 

وعدي خلافي

 

هڪڙو واعدو جو ڪيو

تون ۽ مان

 

 

 

روز هر رات سمهڻ کان اڳ ۾

 

هڪٻئي جي ڪري

 

گھر ڏي منهن

 

دوست!

 

چونداسين ”خدا حافظ“ سو

 

تون به هر رات ائين ئي ڪيو هوندو

 

مون به هر رات ائين ئي ڪيو آهي

 

 

 

معاف مونکي ڪجانءِ دوست! مگر

 

رات وعدي خلافي ٿي وئي

 

روئندي رات ئي لنگھي وئي

 

 

 

مک پني تي وڃڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪندا..............


هن سائيٽ جا سمورا حق ۽ واسطا، سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر وٽ محفوظ آهن.

ويب ڊزائنر : عبداللطيف انصاري..... انصاري ڪميونيڪيشن اينڊ ويب هوسٽنگ