ادل  سومري   جي  چونڊ  شاعري

 
وائي ـ 1
 

 

ٽهڪ ئي تــرسن نه ٿا

 

ڪي به کـاري ڇاڻ ۾

هي به ڏينهن ڏسڻا پيا

 

 

 

 

درد ئي ٽـــاڪن پيون

 

نينگريون پـــــــهراڻ ۾

هي به ڏينهن ڏسڻا پيا

 

 

 

 

گاج ناهي هاڻي ڪــا

 

ماٺ آ مهــــــــــراڻ ۾

هي به ڏينهن ڏسڻا پيا

 

   

 

هي تمر ويندا ســڪي

 

ڇر جي ڇڪتــــاڻ ۾

هي به ڏينهن ڏسڻا پيا

 

 

 

 

ديس جون روداليــــون

 

ٿيون پٽن اڄ پــــاڻ ۾

هي به ڏينهن ڏسڻا پيا

 


وائي ـ 2
 

 

اجڙيل گھــــــــــــرن منجھان

 

پنهنجا رانديڪــــــــــــــــــــا

ٻار پيا ڳولن

 

 

 

 

گم ٿيل پنهنجون مرڪون

 

مـــــــــــــــــــمتا جا سڏڪا

ٻار پيا ڳولن

 

 

 

 

پوپٽ، پرڙن جـــــــــــــــــــهڙا

 

پٿـــــــــــــــــــــــرن مان سپنا

ٻار پيا ڳولن

 

 

 

 

پنهنجون نازڪ حــــسرتون

 

گھايل ڪي اڌمــــــــــــــــــا

ٻار پيا ڳولن

 

 

 

 

امـــــــڙ جون ٿڌيون چميون

 

ڏنل ڪـــــــــــــــــي دڙڪا

ٻار پيا ڳولن

 

(زلزلي کان پوءِ)


وائي ـ 3
 

 

پاڻي ته ڪيئه قيــــــــــــــدي

 

سنڌو نه کڻي سگھنــــــــــدين

هي سمنڊ اسان جو آ

 

 

 

 

هن ساحل جو هرگــــــــــــــــز

 

ٿي ڪين ڌڻي سگھنــــــــدين

هي سمنڊ اسان جو آ

 

 

 

 

هي ٻيڙيون هي مانجـــــــــــھي

 

ڪنهن کي نه وڻي سگھندين

هي سمنڊ اسان جو آ

 

 

 

 

ڇوليـــــــن تي ڪندي قبضو

 

مانگر ئي بڻـــــــــــي سگھندين

هي سمنڊ اسان جو آ

 

 

 

 

ملاح جي خوابن کــــــــــــــــي

 

خنجر نه هڻي سگھنــــــــــدين

هي سمنڊ اسان جو آ

 


وائي ـ 4

 

 

هن سنــــــــــــڌ امڙ جهڙو

 

الهاس نگر ڪـــــــــــاٿي!

جڳديش چيو مونکي

 

 

 

 

ٻـــــــانڀڻ به هتي ڪيئي

 

ساڌو ۽ سکر ڪــــــــاٿي!

جڳديش چيو مونکي

 

 

 

 

ڌرتــيءَ کان ڌڪاريل جو

 

سڪندو آ پگھر ڪاٿي!

جڳديش چيو مونکي

 

 

 

 

نديـــــــــــون به هتي آهن

 

سنڌو آ مگر ڪــــــــاٿي!

جڳديش چيو مونکي

 

 

 

جڳديش : ڀارت جو مشهور شاعر ۽ نقاد


گيت

 

ڇڄ جي ڇانو ۾

چار پنڇي اچي

ڪي ڪڻا ويا چڳي

رڃ آهي رڳي

 

هو اڃارا سڀئي

کوهه کارا سڀئي

ٽامڻي ڌرتتي

ڪاڏي گم ٿي وئي

ڇانورن جي ڇڳي

رڃ آهي رڳي

 

پنڌ هن جو سفر

ٿو ڏنڀي ڄڻ ڏهر

زهر آ هر پهر

محبت جي ماڳ تي

ڪيئن ڪولهڻ پڳي

رڃ آهي رڳي

 

بوند اڻهوند آ

لڙڪ هن جا سڪا

درد دونهين دکي

هوءَ ٻڍي هيڪلي

جھور هن جي جھڳي

رڃ آهي رڳي

 

مک پني تي وڃڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪندا..............


هن سائيٽ جا سمورا حق ۽ واسطا، سنڌي ادبي سنگت شاخ سٽي سکر وٽ محفوظ آهن.

ويب ڊزائنر : عبداللطيف انصاري..... انصاري ڪميونيڪيشن اينڊ ويب هوسٽنگ