|
عبدالقدير انصاريءَ،
محترم ادل سومري جو هڪ ڪلاسيڪل نثري نظم،
”مائرون فقط روئڻ
لاءِ هونديون آهن“ جو انگريزيءَ ۾
ترجمو ڪيو آهي. هيٺ اصل نظم ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو پيش ڪجي ٿو. |
|
|
|
مائرون فقط روئڻ لاءِ هونديون آهن.............. |
| |
|
درد ڳوٺ جون
شامون |
|
|
اداس هونديون آهن |
|
|
راتيون خوف جو استعارو
آهن |
|
|
۽ انهن راتين ۾ |
|
|
لوليون ٻڌائڻ واريون
مائرون |
|
|
هاڻي ڪونه ڀچيون آهن |
|
|
ٻارڙا روئي روئي
|
|
|
پاڻ ئي سمهي پون ٿا |
|
|
سج پوڙهو ٿي ويو آهي |
|
|
دير سان پهچي ٿو |
|
|
ٻارڙن تي اس جو اثر ناهي
ٿيندو |
|
|
تيز اس ۾ ڪهاڙين جي اڃ وڌي وڃي
ٿي. |
|
|
۽ قتل لاءِ هڪ الزام ضروري
آهي |
|
|
سڀئي الزام انڌا هوندا
آهن |
|
|
مخالف ڪمزور آهي |
|
|
ته غيرت جو جذبو وڌيڪ اڀري
ٿو |
|
|
مائرون فقط روئڻ لاءِ هونديون
آهن |
|
|
پر ڪاريءَ جي لاش تي
|
|
|
روئڻ ۽ گل رکڻ جي اجازت ناهي
|
|
|
سردار جو سر
|
|
|
دار لاءِ منع ٿيل آهي |
|
|
سردار جي وات ۾ |
|
|
ڌپ ناهي ٿيندي |
|
|
پيرن ۾ پٽڪا
|
|
|
هن کي وڻندا آهن |
|
|
قداور وڻن جون منڍيون
|
|
|
وڍيون وينديون آهن |
|
|
ڳوٺ ۾ ڇانو مهانگي ٿي وئي
آهي |
|
|
منهنجي پٽ کي خط لکو |
|
|
ته جرڳي ٿيڻ تائين ڳوٺ نه
اچي. |
|
|
|
انگريزيءَ ۾ ترجمو................
(عبدالقدير انصاري) |
| |
|
Mothers are only to weep............
|
| |
| Evenings of parish sarrow |
| used to be said! |
| |
| nights are the metaphors of
fear |
| And in these nights |
| Those mothers are no more |
| Who used to sing for their
children. |
| |
| Children fall asleep while
weeping |
| Sun become ancient. |
| Reaches late |
| Children are immune to sun |
| |
| In
the scorching heat, |
| Thirst of axes increases |
| And for slayer, |
| And accusation is obligatory
|
| |
| All allegations are blind |
| |
| When rival is weak |
| Sense of honor is springs with wigor |
| |
| Yet on the cadaver of Kari |
| Putting flowers and shedding tears is prohibited
|
| |
| Sardar's head |
| Is
forbidden to altar |
| Sardar's mouth always is
odorless. |
| He
likes turbans in his feet |
| |
| Crowns of taller Trees are razed
|
| Shadow turns expensive in
parish |
| |
| Write to my son, |
| He
shouldn't enter the village |
| Till the jirga ends. |
| |
| |
|
KARI
: A woman, murdered in the name of
honor. |
|
SARDAR
: Tribal Chief ten. |
|
JIRGA
: Tribal court of law. |
|
------------------------------------------------------ |
| Original Poem By: Adal Soomro |
|
Translated
By: Abdul Qadeer
Ansari. |
| |
|
سوات ۾ سرعام معصوم ڇوڪريءَ کي ڦٽڪن هڻڻ جي ردعمل طور عبدالقدير انصاريءَ
جو لکيل نظم پڙهڻ لاءِ
ڪــــلــــڪ ڪندا |