|
اسان
سنڌي
زبان
جا
اديب،
شاعر
دانشور،
مصور، فنڪار
۽
سنڌي
ادبي
سنگت،
سنڌ-
جا
ميمبر،
سنڌي
زبان،
ادب،
ثقافت
۽
تهذيب
جا
رکوالا
آهيون.
اسان
جو
اهو
ايمان
آهي
ته
پاڪستان
گهڻ
قومي
۽
گهڻ
ثقافتي
وحدتن
جو
ملڪ
آهي
۽
انهن
وحدتن
جون
زبانون
هن
ملڪ
جون
قومي
زبانون
آهن.
اسان
ادب
جي
افاديت
ان
جي
سماجي
ڪارج
۽
عظيم
انساني
قدرن
کي
حاصل
ڪرڻ
لاءِ
ان
جي
اهميت
کان
پوري
ريت
باخبر
آهيون،
ان
ڪري
اسان
ادب
کي
واندڪائيءَ
جي
وندر
۽
ذهني
عياشي
نه،
پر
پنهنجي
قوم،
عالمي
امن
۽
انسان
ذات
جي
مجموعي
ترقيءَ
لاءِ
هڪ
اهم
ذريعو
سمجهون
ٿا.
اسان
جي
نظر
۾
اديب،
سماج
جو
اهم،
ذميوار،
باشعور
۽
عزت
لائق
فرد
آهي.
اسا
نکي
سنڌي
زبان
۽
ادب
جي
عظيم
انفرادي
ڪلاسيڪي
ورثي
تي
فخر
آهي،
ان
ڪري
اسان
جي
راءِ
۾
اهو
ضروري
آهي
ته
جديد
دور
جو
اديب،
پنهنجي
انهيءَ
ورثي
جو
اونهو
مطالعو
ڪري،
ان
جي
شاندار
روايتن
کي
پنهنجو
ڪري
اڳتي
وٺي
هلي.
ان
سان
گڏوگڏ
اسان
ادب
۾
نون
تجربن
۽
رجحانن
جي
اهميت
کان
پڻ
واقف
آهيون
۽
انهن
جا
حامي
آهيون.
اسان
جي
اها
تمنا
آهي
ته
سنڌي
ادب
ڪنهن
به
ريت
بين
الاقوامي
معيار
کان
هيٺ
نه
هجي.
اسان
جو
به
سڄيءَ
دنيا جي اديبن
جيان، اهو
ايمان
آهي
ته
سمورا
ملڪي،
غير
ملڪي
۽
بين
الاقوامي
مسئلا،
حق،
انصاف،
صداقت،
سهپ،
رواداريءَ،
امن
۽
اتحاد
جي
اصولن
موجب
نبيريا
وڃن،
جن
جي
اپٽار
گڏيل
قومن
جي
پڌرنامي
۾
ڪيل
آهي.انسان
جي
تخليقي
قوتن
کي
هيچ
سمجهڻ،
ڪنهن
به
قوم
يا
نسل
کي
ٻيءَ
قوم
يا
نسل
کان
مٿانهون ڀانئڻ،
ياملڪ
،
مذهب،
رنگ،
ٻوليءَ
۽
عقيدن
جي
مت
ڀيد
سبب
انسانن
جي
روح
۾ويڇو
وجهڻ،
اسان
جي
نظر
۾
نه
فقط
غلط
آهي
پر
انسان
ذات
لاءِ
هاڃيڪار
پڻ
آهي.
اسان
هر
قسم
جي
ڦر
لٽ،
ڏاڍ
۽
ضمير
۽
زبان
جي
پابنديءَ
جا
مخالف
آهيون.
اسان
پنهنجي
شعور،
فڪر
۽
فن
کي
سدائين
آزاد
۽
ڪٽر
پڻي
کان
پري
رکنداسين
۽
ڪنهن
به
قسم
جي
لالچ،
دٻاءُ،
خوف،
تعصب،
رک
رکاءَ
۽
مصلحت
آميزيءَ
کان
سواءِ
پنهنجي
ضمير
جو
اظهار
ڪندا
رهنداسين
۽
اسان
جو
قلم
انهن
سڀني
مقصدن
لاءِ
وقف
رهندو،
جن
جو
اظهار
هن
پڌرنامي
۾
ڪيل
آهي.
( 24جنوري
1970ع
واري
سنڌ
سنگت
ڪائونسل
جي
سکر
واري
ميڙ
۾
منظور
ڪيل
هن
پڌرنامي
کي
ٻيهر
ترميمن
۽
سڌارن
سان
8 نومبر 1996ع
تي
سنڌ
سنگت
ڪائونسل
جي
حيدرآباد
واري
اجلاس
۾
منظور
ڪيو
ويو. |